آغا خان یونیورسٹی کی دی لینسٹ میں شائع شدہ تحقیق:
نوزائیدہ بچوں کی شرح اموات میں کمی ممکن ہے
15 جنوری، 2011 : عالمی جریدہ دی لینسٹ میں آج شائع ہونے والی جدید تحقیق کے مطابق پاکستان میں صحت عامہ کے نظام کے ذریعہ نوزائیدہ بچوں کی شرح اموات کو نمایاں حد تک کم کیا جاسکتاہے۔مزید برآں پاکستان میں اختیار کی گئی تدابیر کو ان ممالک میں بھی استعمال کیا جا سکتا ہے جہاں نو زائیدہ بچوں کی شرح اموات زیادہ ہے۔
یہ تحقیق آغا خان یونیورسٹی کے ڈویژن آف ویمن اینڈ چائلڈ ہیلتھ نے وزارت صحت (حکومت پاکستان)، عالمی ادارۂ صحت اور 'سیو دی چلڈرن' کے پروگرام'سیونیو بورن لائیوز کے تعاون سے صوبہ سندھ کے دیہی علاقوں ہالا اور مٹیاری میں انجام دی۔ اس تحقیق کے دوران کوئی نئی ٹیکنالوجی استعمال نہیں کی گئی اور تمام تر توجہ مشاورت اور نو زائیدہ بچوں کی جان بچانے کے لیے پہلے سے زیر استعمال صحت کے طریقوں کی تعلیم اور بیداری(outreach) پر دی گئی۔قومی پروگرام برائے بہبود آبادی اور بنیادی دیکھ بھال کے ذریعہ فراہم کردہ مشاورت اوربیدار ی کے نتیجہ میں نوزائیدہ بچوں کی اموات اور مردہ بچوں کی پیدائش میں15سے 20فی صد کمی واقع ہوئی جس کی بڑی وجوہات میں صحت کے مراکز میں بچوں کی پیدائش ، طبی سہولتوں تک رسائی اور نوزائیدہ بچوں کی دیکھ بھال کے طریقوں میں نمایاں بہتری شامل تھیں۔
2006 سے 2008تک دو سال کے عرصہ پر محیط اور نوزائیدہ بچوں کی دیکھ بھال کے حوالہ سے کی گئی یہ تحقیق گزشتہ تمام تحقیقات سے اس طرح مختلف تھی کہ اس میں نئے ہیلتھ ورکرز کو بھرتی کرنے کی بجائے اس کے متبادل کے طور پرمقامی آبادی کی سطح پر علاج اور دیکھ بھال کا ایک طریقہ متعارف کروایاگیا تھاجس پر قومی پروگرام برائے بہبود آبادی و بنیادی دیکھ بھال کے تحت کام کرنے لیڈی ہیلتھ ورکرز (ایل ایچ ڈبلیوز)نے روایتی دائیوں اورمقامی صحت کمیٹیوں کے ذریعہ انجام دیا۔
اے کے یو میں ڈویژن آف ویمن اینڈ چائلڈ ہیلتھ کے سربراہ اور
دی لینسٹ میں شائع ہونے والی تحقیق کے مرکزی مصنف ڈاکٹر ذوالفقار بھٹہ کے مطابق''س مطالعہ سے پہلی مرتبہ یہ ظاہر ہو اہے کہ کس طرح نوزائیدہ بچوں کے لیے آزمودہ طبی طریقوں کوموجودہ صحت عامہ کے نظام میں مؤثر انداز میں شامل کیا جا سکتا ہے اور یہ کہ ایسے نتائج کا حصول اور ان کو برقراررکھنا ممکن ہے۔''
پاکستان میں پانچ سال یا اس سے کم عمر بچوں کی اموات میں نوزائیدہ بچوں کی شرح اموات57 فی صد ہے جو جنوبی ایشیا میں بچوں کی شرح اموات میں سب سے زیادہ ہے۔با الفاظ دیگر پاکستان میں زندہ پیدا ہونے والے 1000بچوں میں سے 94بچے ہلاک ہو جاتے ہیں جبکہ خطہ کےدیگر ممالک میں زندہ پیدا ہونے فی 1000بچوں میں یہ شرح 50-60 بچے ہے۔علاوہ ازیں دیہی اور شہری علاقوں میں یہ شرح مختلف ہے۔ شہری علاقوں میں زندہ پیدا ہونے والے فی 1000 بچوں میں یہ شرح 48 بچے ہے جبکہ دیہی علاقوں میں زندہ پیدا ہونے والے فی 1000بچوں میں یہ شرح 55 بچے ہے جہاں نصف سے زائد بچوں کی پیدائش گھروں پر دائیوں کی مدد سے ہوتی ہے۔
ہالا میں کام کرنے والے تحقیق کنندگان نے لیڈی ہیلتھ ورکرز کو اضافی تربیت بھی دی۔مقامی آبادی کے لیے کام کرنے والی ان لیڈی ہیلتھ ورکرز کو اس بات کی بھی تربیت دی گئی کہ زچگی اور نوزائیدہ بچوں کی دیکھ بھال سے متعلق مختلف طریقوں کے بارے میںمشاورت گروپوں کی شکل میں کس طرح دی جائے، دائیوں کے ساتھ مل کر کس طرح کام کیا جائے اور نو زائیدہ بچوں کی دیکھ بھال کے سادہ طریقوں کے حوالہ سے پہلی مرتبہ ماں بننے والی خواتین کی تربیت کے لیے ان کے گھروں کا دورہ کیا جائے۔نو زائیدہ بچوں کی دیکھ بھال کے ان سادہ طریقوں میں فوراًاور صرف اور صرف ماں کا دودھ پلانے ،بچہ کو پیدائش کے بعد غسل دینے میں توقف اورنوزائیدہ بچوں میں پائی جانے والی خطرناک بیماریوں کی علامات کو فوری پہچاننا شامل تھے۔
ڈاکٹر بھٹہ مزید لکھتے ہیں کہ” قومی سطح پر ان سادہ طریقوں کو اختیار کرنے سے ،صرف پاکستان میں ، سالانہ کم وبیش 100,000 نوزائیدہ بچوں کی جانیں بچائی جا سکتی ہیں اور زیر تحقیق علاقوں میں حاصل کردہ نتائج سے کہیں زیادہ بہتر نتائج حاصل کیے جا سکتے ہیںجبکہ عالمی سطح پربھی، نوزائیدہ بچوں کی جانیں،کہیں زیادہ تعداد میں بچائی جا سکتی ہیں۔ ایسے بڑے ممالک میں، جہاں نوزائیدہ بچوں کی شرح اموات زیادہ ہے مثلاً بھارت اور ایتھوپیا، مقامی آبادی کی سطح پرہیلتھ ورکرز کاایسا ہی نظام موجود ہے اور وہ بھی ان طریقوں سے استفادہ کر سکتےہیں۔“
ہالا میں کی جانے والی اس تحقیق کے دوران نوزائیدہ بچوں کی دیکھ بھال کے لیے فراہم کیے جانے والے زیادہ مضبوط پیکیج کی بنا پرشیر خوار بچوں کی جان بچانے کے لیے درکاردیکھ بھال کے طریقوں میں بھی نمایاں بہتری آئی ہے ۔تحقیق کے عرصہ کے دوران تقریباً 60 فی صد ماؤں نے بچوں کو پیدائش کے پہلے ایک گھنٹہ کے دوران دودھ پلایا جبکہ مزید36 فی صدماؤں نے اینٹی باڈی اجزاءسےبھرپور پہلا دودھ ،جسے کولسٹرم کہا جاتا ہے، بچوں کوپلایا۔رو ایتی طور پر بچوں کویہ دودھ پلانے سےاحتراز کیا جاتا ہے۔ایسی ما ؤں اور نوزائیدہ بچوں کی تعداد میں تقریباً تین گنا اضافہ ریکارڈ کیا گیا جن کا زچگی کے بعدلیڈی ہیلتھ ورکرز نے دورہ کیا تھااور اس طرح یہ شرح 28 فی صد رہی جبکہ تحقیق کے آغازسے پہلے یہ شرح محض8 فی صد تھی۔
ہر سال دنیا بھر میں30 لاکھ سے زیادہ نوزائیدہ بچے محض اُن وجوہات کی بنا پر ہلاک ہو جاتے ہیں جن سے بچا ﺅ ممکن ہے۔ عالمی ادارۂ صحت کے ڈیپارٹمنٹ آف میٹرنل، نیو بورن، چائلڈ اینڈ ایڈولیسنٹ ہیلتھ کی ڈائریکٹر ڈاکٹر ایلزبیتھ میسن کے مطابق ”اس تحقیق سے ثابت ہوتا ہے کہ تربیت یافتہ ہیلتھ ورکرز مقامی آبادی کی سطح پر نوزائیدہ بچوں کے لیے درکار اہم دیکھ بھال مؤ ثر انداز میں مہیا کر سکتی ہیں۔ نوزائیدہ بچوں کی جان بچانے کے لیے اس قسم کی تربیت کو سرکاری شعبہ میں جاری پروگراموں میں بھی بڑھایا جاسکتا ہے اور بڑھانا چاہیے۔“
سیو دی چلڈرن پروگرام کے صدر اور سی ای او چارلس مک کارمک نے ہالا میں کی جانے والی تحقیق کو 'گراؤنڈ بریکنگ' قرار دیتے ہوئے کہا کہ''یسے بچوں کی اموات کا تناسب بڑھ رہا ہے جو اپنی زندگی کے پہلے مہینہ میں ہی ہلاک ہو جاتے ہیں۔ اس تحقیق میں موجود غیرمعمولی طور پر امیدافزا دریافت ظاہر کرتی ہے کہ ایسی صورت حال سے بچا جاسکتا ہے۔ہم حکومتوں اور ان کے شرکاءپر زور دیتے ہیں کہ وہ اس مؤثرحکمت عملی کواختیار کریں جس میں کسی اعلیٰ ٹیکنالوجی کے استعمال کی ضرورت بھی نہیں۔ اس کی مدد سے ہم بڑے پیمانہ پر نوزائیدہ بچوں کی جانیں بچا سکتے ہیں اور ایسا فوری طور پر کرنا چاہیے۔''
ہالا میں کی جانے والی تحقیق کے لیے رقوم عالمی ادارۂ صحت اور سیو دی چلڈرن کے سیونگ نیو بورن لائیوز پروگرام کی معرفت بل اینڈ میلنڈا گیٹس فاؤنڈیشن نے فراہم کی تھیں۔
تازو ڄاول ٻارن ۾ موت جو تناسب گھٽائڻ ممڪن آهي
15 جنوري، 2011، ڪراچي: عالمي رسالي
دي لانسٽ ۾ اڄ ڇپجندڙ نئين تحقيق مطابق پاڪستان ۾عام ماڻهن لاءِ صحت جي نظام ذريعي تازو ڄاول ٻارن ۾ موت جي تناسب کي ڪافي حد تائين گھٽائي سگھجي ٿو. وڌيڪ اهو ته پاڪستان ۾ ڪتب آيل ترڪيبن کي اُنهن ملڪن به استعمال ڪري سگھجي ٿو جتي تازو ڄاول ٻارن ۾ موت جو تناسب وڌيڪ آهي.
هيءَ تحقيق آغا خان يونيورسٽي جي ٻارن ۽ عورتن جي صحت واري شعبي، پاڪستان حڪومت جي صحت وارِي وزارت، صحت جي عالمي اداري ۽ سيو دي چلڊرين جي پروگرام ”سيو نيو بارن لائيوز“ جي سهڪار سان سنڌ ۾ هالا ۽ مٽياري ۾ ڪئي وئي. تحقيق دوران ڪا ٽيڪنالاجي استعمال نه ڪئي وئي ۽ سموري توجهه تازو ڄاول ٻارن جي زندگي بچائڻ لاءِ اڳ ۾ استعمال هيٺ صحت جي طريقن جي تعليم ۽ بيداريءَ (آئوٽ ريچ) تي ڏني وئي. بهبودِ آبادي ۽ بنيادي سارسنڀال واري قومي پروگرام ذريعي مشاورت ۽ بيداريءَ جي نتيجي ۾ تازو ڄاول ٻارن جي موت ۽ مُئل ٻارن جي پيدائش ۾ 15 کان 20 سيڪڙو تائين گھٽتائي ٿي، جنهن جي اهم سببن ۾ صحت مرڪزن ۾ ٻارن جي پيدائش، طبي سهوليتن تائين رسائي ۽ تازو ڄاول ٻارن جي سار سنڀال جي طريقن ۾ خاص بهتري شامل هئا.
2006 کان 2008 تائين ٻن سالن جي عرصي تائين تازو ڄاول ٻارن جي سارسنڀال جي حوالي سان ٿيل هيءَ تحقيق گذريل سمورين تحقيقن کان اهڙيءَ طرح مختلف هئي جو ان ۾ نون هيلٿ ورڪرن کي ڀرتي ڪرڻ بجاءِ ان جي متبادل طور ڪميونٽي جي سطح تي هڪ پيڪيج متعارف ڪرايو ويو هو، جنهن کي بهبودِ آبادي ۽ بنيادي سارسنڀال واري قومي پروگرام تحت ڪم ڪندڙ ليڊي هيلٿ ورڪرن مقامي دائين ۽ صحت ڪميٽين ذريعي انجام ڏنو.
آغا خان يونيورسٽي جي ٻارن ۽ عورتن جي صحت واري شعبي جي سربراهه ۽
دي لانسٽ ۾ ڇپجندڙ تحقيق جي مرڪزي مصنف، ڊاڪٽر ذوالفقار ڀُٽه مطابق ”هن مطالعي سان پهريو ڀيرو اهو ظاهر ٿيو آهي ته ڪهڙيءَ طرح تازو ڄاول ٻارن لاءِ آزمايل طبي طريقن کي عام ماڻهن جي صحت واري موجوده نظام ۾ مؤثر انداز ۾ شامل ڪري سگھجي ٿو ۽ اهو ته اهڙن نتيجن کي حاصل ڪرڻ ۽ انهن کي برقرار رکڻ ممڪن آهي.“
پاڪستان ۾ پنجن سالن يا انهن کان گھٽ عمر جي ٻارن ۾ موت جو تناسب 57 سيڪڙو آهي، جيڪو ڏکڻ ايشيا ۾ ٻارن ۾ موت جي شرح ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي. ٻين لفظن ۾، پاڪستان ۾ پيدا ٿيندڙ 1000 ٻارن مان 94 ٻار فوت ٿي وڃن ٿا، جڏهن ته ٻين ملڪن ۾ سلامت پيدا ٿيندڙ 1000 ٻارن ۾ اهو تناسب 50-60 ٻار آهي. ان کان سواءِ ٻهراڙيءَ ۽ شهري علائقن ۾ زنده پيدا ٿيندڙ في 1000 ٻارن ۾ اها شرح 55 ٻار آهي، جتي اڌ کان وڌيڪ ٻارن جي پيدائش گھرن ۾ دائين جي مدد سان ٿئي ٿي.
هالا ۾ تحقيق ڪندڙن ليڊي هيلٿ ورڪرن کي اضافي تربيت به ڏني. ڪميونٽي لاءِ ڪم ڪندڙ انهن ڪارڪنن کي ان ڳالهه جي به تربيت ڏني وئي ته زچگيءَ ۽ تازو ڄاول ٻارن جي سارسنڀال سان لاڳاپيل مختلف طريقن بابت مشاورت گروپن جي صورت ۾ ڪهڙيءَ طرح ڏني وڃي، دائين سان گڏجي ڪهڙيءَ طرح ڪم ڪيو وڃي ۽ تازو ڄاول ٻارن جي سارسنڀال جي سادن طريقن جي حوالي سان پهريون ڀيرو ماءُ بنجندڙ عورتن جي تربيت لاءِ انهن جي گھرن جو دورو ڪيو وڃي. تازو ڄاول ٻارن جي سارسنڀال جي انهن سادن طريقن ۾ هڪدم ۽ صرف ۽ صرف ماءُ جو کير پيارڻ، دير سان وهنجارڻ ۽ تازو ڄاول ٻارن جي خطرناڪ بيمارين جي اهڃاڻن کي سُڃاڻڻ شامل هو.
ڊاڪٽر ڀُٽه جو وڌيڪ چوڻ آهي ته قومي سطح تي انهن سادن طريقن کي اختيار ڪرڻ سان صرف پاڪستان ۾ ساليانو گھٽ ۾ گھٽ هڪ لک تازو ڄاول ٻارن جو زندگيون بچائي سگھجن ٿيون ۽ تحقيق هيٺ علائقن ۾ حاصل ڪيل نتيجن کان ڪئين ڀيرا وڌيڪ نتيجا حاصل ڪري سگھجن ٿا. جڏهن ته عالمي سطح تي به، تازو ڄاول ٻارن جون زندگيون، ڪئين ڀيرا وڌيڪ انگ ۾ بچائي سگھجن ٿيون. اهڙا وڏا ملڪ جتي تازو ڄاول ٻارن ۾ موت جو تناسب وڌيڪ آهي، جھڙوڪ ڀارت ۽ ايٿوپيا، جتي ڪميونٽي جي سطح تي هيلٿ ورڪرن جو اهڙو ئي نظام موجود آهي، اُهي به انهن طريقن مان فائدو حاصل ڪري سگھن ٿا.
هالا ۾ ٿيندڙ هن تحقيق دوران تازو ڄاول ٻارن جي سارسنڀال لاءِ وڌيڪ مضبوط پيڪيج سبب کير پياڪ ٻارن جون زندگيون بچائڻ لاءِ گھُربل سارسنڀال جي طريقن ۾ به خاص بهتري آئي آهي. تحقيق جي عرصي دوران تقريبن 60 سيڪڙو مائرن پنهنجن ٻارن کي اُنهن جي پيدائش جي پهرئين ڪلاڪ دوران پنهنجو کير پياريو. جڏهن ته وڌيڪ 36 سيڪڙو مائرن اينٽي باڊي جُزن سان ڀرپور پنهنجو پهريون کير، جنهن کي ڪولسٽرم چيو وڃي ٿو، پنهنجن ٻارن کي پياريو. روايتي طور تي ٻارن کي اهو کير پيارڻ کان پاسو ڪيو وڃي ٿو. اهڙين مائرن ۽ تازو ڄاول ٻارن جي تعداد ۾ ٽيڻو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو، جن جو زچگيءَ کان پوءِ ليڊي هيلٿ ورڪرن دورو ڪيو هو ۽ اهڙيءَ طرح اهو تناسب 28 سيڪڙو رهيو، جڏهن ته تحقيق کان اڳ اهو صرف 8 سيڪڙو هو.
هر سال سڄي دنيا ۾ 30 لکن کان وڌيڪ تازو ڄاول ٻار صرف اُنهن ڪارڻن سبب فوت ٿي وڃن ٿا جن کان بچاءُ ممڪن آهي. صحت جي عالمي اداري جي ڊپارٽمينٽ آف ميٽرنل، نيو بارن، چائلڊ اينڊ ايڊليسنٽ هيلٿ جي ڊائريڪٽر ايلزبيٿ ميسن مطابق ”هن تحقيق ما ثابت ٿئي ٿو ته تربيت ورتل هيلٿ ورڪر تازو ڄاول ٻارن لاءِ گُھربل اهم سارسنڀال ڪميونٽي جي سطح تي مؤثر انداز ۾ مهيا ڪري سگھن ٿا. تازو ڄاول ٻارن جي زندگي بچائڻ لاءِ اهڙي قسم جي تربيت کي سرڪاري شعبي ۾ جاري پروگرام ۾ به وڌائي سگھجي ٿو ۽ وڌائڻ گھرجي.“
سيو دي چلڊرين پروگرام جي صدر ۽ سِي اِي او چارلس مڪ ڪارمڪ هالا ۾ ٿيندڙ تحقيق جي نتيجن کي ”گرائونڊ بريڪنگ“ يعني هڪ وڏي ڪاميابي قرار ڏيندي چيو ته ”اهڙن ٻارن جي موت جو تناسب وڌي رهيو آهي، جيڪي پنهنجي زندگيءَ جي پهرئين مهيني ۾ ئي فوت ٿي وڃن ٿا. هن تحقيق ۾ موجود غيرمعمولي طور تي اميد افزا دريافت ظاهر ڪري ٿي ته اهڙيءَ صورتحال کان بچي سگھجي ٿو. اسان حڪومتن ۽ انهن جي پارٽنرز تي زور ڀريون ٿا ته اُهي هن مؤثر حڪمتِ عمليءَ کي اختيار ڪن، جنهن ۾ ڪنهن اعلي' ٽيڪنالاجي جي استعمال جي ضرورت به ناهي. ان جي مدد سان اسان وڏي پيماني تي تازو ڄاول ٻارن جون زندگيون بچائي سگھون ٿا ۽ اهو هڪدم ڪرڻ گھرجي.“
هالا ۾ ٿيندڙ تحقيق لاءِ رقم صحت جي عالمي اداري ۽ سيو دي چلڊرين جي سيونگ نيو بارن لائيوز پروگرام جي معرفت بل اينڊ ملنڊا گيٽس فائونڊيشن مهيا ڪئي هئي.
---------------------------------------------------------------------------------
ردا ترابی، سینیئرمیڈیا ایگزیکٹیو، ڈیپارٹمنٹ آف پبلک افیئرز ، آغا خان یونیورسٹی، اسٹیڈیم روڈ، کراچی ، فون: 3921 3486 21 92 +
ای میل : rida.turabi@aku.edu